اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت گهرو وزارت جي صلاحيت وڌائڻ، شفافيت ۽ قابليت کي يقيني بڻائڻ ۽ مق??ر مدي ۾ ڪمن کي مڪمل ڪ??ڻ جي لاءِ مختلف قدم متعارف ڪرايا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو ته گهرو وزارت مسئلن جي موثر ۽ فوري حل لاءِ هٿ سان ڪم ڪرڻ جي موجوده نظام کي اي سسٽم ۾ تبديل ڪ??ڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي، 204 صحفن تي مشتمل ان رپورٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت 18 آگسٽ 2018ع کان 18 آگسٽ 2020ع جي دوران ڪيترن ئي شعبن ۾ حڪومت جي ڪاميابين ۽ سڌارن کي شامل ڪيو ويو آهي، وزارت عوامي شڪايتن ج?? ازالي لاءِ وزارت ۽ ان سان جڙ??ل کاتن ۽ علائقائي آفيسن ۾ سهولتڪاري ڊيسڪ ۽ وزارت ۾ انفارميشن ڪائونٽر قائم ڪيا آهن، وزارت موثر ۽ آسان طريقي سان خدمتن جي فراهمي جي هدفن کي حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ موجوده طريقيڪار ۾ به ترميم ڪئي آهي، طريقيڪار ۾ ترميم جو مق??د لاقانونيت کي ختم ڪرڻ ۽ صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي.