اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچ??ءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايس او پيز تي عملدرآمد سان وائرس جو ڦ??ل??ءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ۾ جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شروع ۾ وبا جو دٻ??ءُ بلند ترين سطح تي هوندو، ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ گهر مان ماسڪ پائي نڪرو، بي احتياطي بزرگن ۽ ٻين ماڻهن جي زندگي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا و??ا بابت ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته لاڪ ڊائون دوران ملڪ ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏي??و پيو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو م??ڪل وقت مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته لاڪ ڊائون جو م??لب ڪورونا وائرس جي ڦهل??ءُ ۾ گهٽتائي آهي، لاڪ ڊائون سان ڪورونا ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، آمريڪا ۾ ان وبا سان هڪ لک ماڻهو م??رجي ويا آهن جڏهن ته انهن لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، امير ملڪ به ان نتيجي تي پهتا آهن ته لاڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. هن چيو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد سان ئي وائرس جو ڦ??ل??ءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ماسڪ پائڻ سان وائرس جي ڦهل??ءُ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي.