اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته 22 مئي 2020ع تي لاهور کان ڪ??اچي ويندڙ اڏام کي لينڊنگ دوران پي?? ايندڙ افسوسناڪ سانحي جي تحقيقات پاڪ فضائيه جي سينئر آفيسرن جي سربراهي ۾ جوڙيل بورڊ ڪري رهيو آهي، سانحي جي شروعاتي رپورٽ 22 جون تي پارليامينٽ ۽ قوم جي سامهون پي?? ڪئي ويندي، جهاز حادثي ۾ 99 مسافر ۽ ڪاڪ پٽ عملو سوار هو جنهن مان 97 شهيد ٿيا ۽ 2 معجزاتي طور ت?? محفوظ رهيا جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، 51 ميتون ڊي اين اي شناخت کانپوءِ وارثن جي حوالي ڪيون ويون آهن، باقي ميتون شناخت جي مرحلي ۾ آهن جنهن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، جاچ رپورٽ سامهون اچڻ تي ??مي??ارن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ڪنهن سان ڪ?? به رعايت نه ڪئي ويندي، شروعاتي رپورٽ سامهون اچڻ تائين ميڊيا فني رخن تي غير ضروري تبصري کان پاسو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران ڪيو.