اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) وزيراعظم جي رليف پئڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي لاءِ اعلان ڪيل 50 ارب رپين جي منظوري سميت وڌيڪ 6 ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڇهن ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم تي ??مل??رآمد ڪندڙ ايجنسين جي لاءِ هلندڙ مالي سال جي لاءِ 84 ڪروڙ 20 لک رپيا، پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي جي لاءِ 90.459 ملين رپيا ۽ پنجاب ??ينجرز جي لاءِ 5 ملين رپين جي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي، پنجاب ??ينجرز جي لاءِ 5 ملين رپين جي ضمني گرانٽس سان دفاع واري وزارت هيلي ڪاپٽر ج?? مرمت لاءِ وڌيڪ پرزا خريد ڪندي.