اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آ??ي ته 17 فيبروري کان سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جاري آهي ۽ حڪومت ان مرض جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، تازي مهم ۾ 39 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو هدف آهي جنهن ج?? لاءِ 2 لک 65 هزار پوليو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن، خاص مددگار چيو ته پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ فرنٽ لائن ورڪز اسا?? جا اصلي هيرو آ??ن انهن ج?? خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ جنگي بن??اد?? تي موثر قدم کڻي رهي آهي.