واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قر??شي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ڪرس وان هولن جي پاڪستان هائوس واشنگٽن ۾ خاص ملاقات ٿي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قر??شي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنج?? ٻطرفن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ذريعي انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪ??ڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير سينيٽر هولن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل 5 مهين کان جاري گهيراءُ، بنا جواز پابندين ۽ امن امان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال کان آگاهه ڪيو.