اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اٽارني جنرل انور منصور خان چيو آهي ته پرويز مشرف کي آرٽيڪل 10 تحت شفاف ٽرائل جو بني??دي حق ناهي ڏنو ويو، ارڙهين ترميم ۾ آرٽيڪل 90 ۾ ترمي?? ڪئي وئي جنهن کانپوءِ شڪايت ڪندڙن کي ڪابينا کان منظوري وٺڻي لازمي هئي پر پرويز مشرف خلاف شڪايت ڪندڙ ڪابينا کان درخواست داخل ڪرڻ جي ڪا منظوري نه ??رت??. اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اٽارني جنرل انور منصور چيو ته اڄ هڪ فيصلو ٻڌايو ويو جنهن ۾ غير حاضر (ر) جنرل پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، آئون ڪنهن شخص جي حق ۾ نه پر قانوني رخن تي ڳالهه ڪندس.