سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ساٿين جي سياست کي عو??م رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي عو??م رد ڪيو آهي اهي چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، ٻانهون کنجي عو??م کي درس ڏيندڙ تبليغي ٽولي جي ڪرپشن جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي، مسيحا جو ويس بدلائي گهمندڙن جا ڪوڙا چهرا عو??م جي سامهون بي نقاب ٿيڻ وڃي رهيا آهن، سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي م??يشت ۾ استحڪام کانپوءِ عو??م جي رليف جون ٿڌيون هوائون هلي رهيو آهن، حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عو??م کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته اهڙي طرح جي صورتحال ۾ جڏ??ن عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي ته اهڙي م??حول ۾ سياسي يتيمن جو ٽولو پنهنجو پاڻ کي سياسي م??اذ تي زنده ر??ڻ لاءِ ل??يفا ٻڌائيندو رهندو آهي.