ٿرپارڪر – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي سان هلندڙ 1650 م??گا??اٽ بجلي جي ٻن منصوبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن سان ڪوئلي سان پيدا ٿيندڙ بجلي جي پيداوار 3300 م??گا??اٽ ٿي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام ڪوٽ ٿر جو ??ڪ ڏينهن جو دورو ڪيو ۽ 330 م??گا??اٽ ٿل نووا ٿر ۽ 1320 م??گا??اٽ شنگهائي اليڪٽرڪ منصوبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، سنڌ جو ??ڏو وزير مراد علي شاهه، چيني نائب ناطم الامور پانگ چن شوئي ۽ سنڌ جو توانائي وارو وزير امتياز احمد شيخ پڻ موجود هئا. اهي منصوبا 3.53 ارب ڊالر جي سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري سان تعمير ڪيا ويا آهن.