اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي ويٺ ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي عمران الله ۽ سپاهي افضل خان کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ??وري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ پنهنج?? سيڪيورٽي ف??رسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن جي خلاف ڪاميابي ڪارروائي ت?? سيڪيورٽي ف??رسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردن جي ڪڌي مقصدن جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن، پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ پنهنج?? سيڪيورٽي ف??رسز سان گڏ بيٺل آهي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.