لاهور – 15 – فيبروري (اي پ?? پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما جي وا??ده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ لاهور ۾ سندس رهائشگاهه تي وڃي مرحومه جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دع?? ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف احد چيما ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دع?? ڪندي چيو ته وا??ده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.