رحيم يار ??ان – 25 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي نجي ??وري تي رحيم يار ??ان پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز موجب اي??رپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد م??سن رضا نقوي ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا. اي??رپورٽ تي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي پنهنجي ??ازي دوري جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي ??والي سان ڀرپور ڪم ڪيو ويندو. يو اي اي جي ??در شيخ محمد زيد النهيان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سندس والد پاڪستان ۽ ان جي ??وام سان تمام گهڻي محبت رکندو هو، هو پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر ??مجهي ٿو، هن وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو.