اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۾ چين جي سيڙپڪاري، توانائي ۽ بجلي جي بنيادي ڍانچي ۾ تعاون سان ائٽمي هائيڊل سولر ۽ ونڊ انرجي تي ٻڌل پ??ڪس??ان جي انرجي مڪس کي سگهارو بڻائ?? جي صلاحيت جي فروغ ۽ ملڪ جي توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي، اسان کي ڪوئلي ۽ تيل تي ٻڌل توانائي جي ذريعن سان گرين هائوس گئسز جي اخراج کي گهٽ ڪر?? جي لاءِ موثر ۽ اهم ٽيڪنالاجي جي استعمال کا??سو??ءِ شمسي ۽ هوا جهڙي متبادل ۽ قابل تجديد توانائي جي ذريعن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چائنا انرجي انٽرنيشنل گروپ ڪمپني لميٽيڊ جي جنرل مئنيجر ليو شيو فنگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پنهنجي وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صدر کي نيلم جهلم، داسو، سُوڪي ڪناري، آزاد پتڻ ۽ مهمند هائيڊرو پاور پراجيڪٽس ۽ ڪراچي ڪي ٽو، ڪي ٿري، برقي ڪمبائنڊ سائيڪل پاور پراجيڪٽ، جهمپير ونڊ پاور پراجيڪٽس ۽ ايم فور موٽروي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پ??ڪس??ان ۽ چين جي دوستي هماليه کان اُونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ چين جي قيادت ۽ عوام جي وچ ۾ گرمجوشي وارا لاڳاپا پاڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو بنياد آهن. صدر چيو ته سي پيڪ هڪ ڊگهي مدي وارو منصوبو آهي، جيڪو ملڪ کي پنهنجي روڊن، بندرگاهن ۽ مواصلاتي نيٽ ورڪ کي بهتر بڻائڻ کا??سو??ءِ ملڪ ۾ صنعتڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ توانائي ۽ بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ منصوبن تي هموار ۽ تيزي سان عملدرآمد هڪ مقرر مدي ۾ ان جي مڪمل صلاحيتن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائيندو. صدر تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ پ??ڪس??ان سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهڻ تي چيني حڪومت ۽ چيني عوام جا به ٿورا مڃيا ۽ چائنا انرجي انٽرنيشنل گروپ پاران ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۾ تعاون ڪر?? جي قدمن کي ساراهيو. صدر بجلي ۽ مواصلات بابت مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن شمسي توانائي تي ٻڌل منصوبن تي ڌيان ڏيڻ ۽ شروع ڪر?? جي لاءِ چائنا انرجي جي قدمن کي به ساراهيو. صدر کي بريفنگ ڏيندي چائنا انرجي انٽرنيشنل گروپ جي جنرل مئنيجر ليو شيو فينگ چيو ته چائنا انرجي پ??ڪس??ان ۾ 1990ع جي ڏهاڪي کان موجود آهي ۽ هو پ??ڪس??ان ۾ 12 ملين ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري سان گڏ 21 ميگا پراجيڪٽس ۾ شامل آهي. هن چيو ته چائنا انرجي آزاد پتڻ 700.7 ميگاواٽ ۽ سُوڪي ڪناري ۾ 870 ميگاواٽ جي ٻن منصوبن ۾ 3.5 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته ڪمپني توانائي جي استحڪام، چرپر جي رابطن ۽ پ??ڪس??ان جي عوام جي سماجي خوشحالي جي لاءِ به ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي.