اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر چيو آهي، ته پا??س??ان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي ۾ عالمي بئنڪ پا??س??ان سان مڪم?? سهڪار ڪندي. پا??س??ان جي دوري جي پڄاڻي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هاڻوڪي تباهه ڪن ٻوڏ سبب قيمتي حياتين، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي. متاثرن کي امداد جي فراهمي لاءِ عالمي بئنڪ پا??س??ان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته گهرن ۽ روزگار کي پهتل نقصان جي ازالي لاءِ قدم ضروري آهن. عالمي بئنڪ جي نائب صدر چيو ته ٻوڏ بعد متاثرن جي بحالي، آبادڪاري ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير لاءِ عالمي بئنڪ مجموعي طور تي 12 ارب ڊالرن جي مالي معاونت جو انتظام ڪري رهي آهي. هن چيو ته پا??س??ان دنيا جي انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو موسمياتي تبديلين سبب وڌيڪ متاثر آهي.