اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيا?? جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن موجب پرڏيهي وزير گڏيل عرب امارات جي نئين چونڊيل صدر شيخ محمد بن زايد النهيان، النهيان خاندان، يو اي اي جي قيادت ۽ عوام سان شيخ خليفه بن زايد النهيا?? جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاهي خاندا?? جي ٻين ماڻهن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ سگهه جي دعا ڪئي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپنکي مضبوط بڻائڻ ۾ شيخ خليفه جي اڻٿڪ ??دم??ن کي ساراهيندي ان افسوس جو اظهار ڪيو ته سندس لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ مخلص دوست ک??ن محروم ٿي ويو آهي. شيخ خليفه کي خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم ۽ ملڪ جي لاءِ سندس ??دم??ن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پرڏيهي وزير شيخ محمد بن زايد النهيا?? جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي نئين صدر طور تي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.