اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان ايمل ولي خان جي سربراهي ۾ عوامي نيشنل پارٽي ج?? وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ ج?? سياسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ۽ عوامي ڀلائي ج?? لاءِ عوامي نيشنل پارٽي ج?? تعاون جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سموريون سياسي پارٽيون گڏجي معيشت جي بحالي ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪنديون رهنديون.