اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر کي هداي?? ڪئي آهي ته يونيورسٽي ڪيمپس ۾ بلوچ شاگردن کي هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي واقعن کان بچڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اهڙيُون هدايتُون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 اپريل 2022ع جي حڪم نامي جي ت??ميل ۾ بلوچ شاگردن جون شڪايتون ٻڌڻ کانپوءِ جاري ڪيون آهن جنهن ۾ صدر جيڪو قائداعظم يونيورسٽي جو چانسلر به آهي، کي چيو ويو هو ته هو بلوچ شاگردن جي مسئلن کي فوري حل ڪري، عدالت بلوچ شاگردن جا مسئلا ٻڌا، نسلي پروفائلنگ جي جاچ ڪرڻ ۽ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو هو، صدر اها هدايت ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي کانپوءِ ڪئي جنهن ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد ايوب چوڌري ۽ ايڊووڪيٽ ايمان زينب حاضر شرڪ?? ڪئي، صدر ايڇ اي اي کي سمورين وفاقي يونيورسٽين کي پنهنجي ??ميپسز ۾ هراسان ڪرڻ ۽ نسلي پروفائلنگ جي ??نهن به واقعي کان بچڻ لاءِ اڻٽر قدم کڻڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ کي هڪ انوکي صورتحال درپيش آهي ۽ دهشتگردي جي ??اررواين جو ٻيهر سر کڻڻ ڳڻتي جوڳو آهي، هن چيو ته دهشتگردي جي ت??ارڪ لاءِ ڪوششون اسان جي امن ۽ وجود لاءِ ضروري آهن پر کين انتهائي احتياط ۽ توازن سان انجام ڏيڻ گهرجي ته جيئن آبادي جي ??نهن به طبقي خاص طور تي بلوچستان جي شاگردن کي ڌار يا پروفائل نه بڻائي سگهجي، صدر قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي به هداي?? ڪئي ته بلوچستان جي شاگردن جي معاملي ۾ عمومي طور تي احساس محرومي يا تنهائي ڏٺي ويندي آهي، تنهن ڪري سمورن تعليمي ادارن تي فرض آهي ته هو اهڙن جذبن کي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ احتياط ڪن. هن چيو ته بلوچ شاگردن ۾ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ شاگرد برادري جي اندر س??گر??ين ۽ مباحثن جو هڪ فعال پروگرام تيار ڪرڻ گهرجي، هن وائيس چانسلر کي چيو ته هو اهڙي ڪنهن به س??گر??ي جي س??گر??ي سان نگراني ڪري جيڪا قائداعظم يونيورسٽي ۾ بلوچ شاگردن جي لاءِ ڳڻتي جو سبب هجي ۽ قانون ??اڳ?? ڪندڙ ادارن جي بدنامي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ يونيورسٽي ايندڙن جي ت??ديق ڪئي وڃي، ان کان اڳ صدر 20 ۽ 21 اپريل 2022ع تي بلوچ شاگردن جا مسئلا ٻڌا هئا، صدر کي آگاهه ڪيو ويو هو ته هڪ بلوچ شاگرد بلوچستان ۾ پنهنجي اباڻي شهر کان گم ٿي ويو آهي جنهن کي هڪ نامعلوم شخص جو فون آيو جنهن ان کي ٻي نامعلوم شخص کان قائداعظم يونيورسٽي جي ??يمپس ۾ ملڻ جو چيو، ان کانپوءِ معلوم ٿيو ته حفيظ بلوچ نالي شاگرد بازياب ٿي چڪو آهي ۽ اهو پوليس جي حراست ۾ آهي. شاگردن صدر/ قائداعظم يونيورسٽي جي ??انسلر کان حفيظ بلوچ جي سيمسٽر کي منجمند ڪرڻ جي درخواس?? ڪئي ته جئين هو الزام مان بري ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي ت??ليم جاري رکي سگهي، قائداعظم يونيورسٽي جي وائس چانسلر بلوچ شاگردن جي درخواست سان اتفاق ڪيو ۽ صدر کي يقين ڏياريو ته حفيظ بلوچ جو سيمسٽر منجمند ڪيو ويندو ته جئين هو الزامن مان بري ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي ت??ليم جاري رکي سگهي، صدر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي ڪيمپس ۾ نامعلوم ماڻهن پاران ڪجهه بلوچ شاگردن کان تحقيق جي آڙ ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ۽ مختلف تنظيمن ۾ شموليت جي انهن جي ارادن جي باري ۾ سوال ڪيا پيا وڃن، صدر شاگردن جي ??الهه ٻڌڻ کانپوءِ ايڇ اي سي ۽ قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي بلوچ شاگردن جي شڪايتن جي جلد کان جلد حل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري حڪم جاري ڪيا، شاگردن صدر جو بلوچ شاگردن کي ڪافي وقت ڏيڻ ۽ تحمل سان انهن جا خدشا ٻڌڻ تي ٿورو ادا ڪيو