اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم شه??از شريف چيو آهي ته قبائلي ضلعن جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان انهن جا مقروض آهيون، انهن قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت مقامي آبادي کي سهولت پهچ??ئڻ ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتر و??ير??تان جي دوري دوران قبائلي اڳواڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان گڏ وقت گذاريو. قبائلي اڳواڻن و??ير??عظم جي آجيان ڪئي ۽ و??ير??عظم جو علائقي جي پهرين دوري تي ٿورو مڃيو جنهن سان قبائلي ضلعن جي لاءِ و??ير??عظم جو ڌيان ۽ فڪر جو اظهار ٿئي ٿو. و??ير??عظم پرامن ۽ مستحڪم پاڪستان جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر ممڪن تعاون تي قبائلي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. و??ير??عظم قبائلي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته سندس حڪومت دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نقصان جي ڪري مقامي آبادي کي سهولت پهچ??ئڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻ??ئڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي. و??ير??عظم چيو ته قبائلي ضلعن جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان انهن جا مقروض آهيون، اسان انهن جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان جي ترجيح پوري پاڪستان وانگر مقامي ڪميونٽي جي لاءِ شه??ي سهولتن کي يقيني بڻ??ئڻ هوندي. قبائلي اڳواڻن و??ير??عظم کي پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ڀرپور جو يقين ڏياريو. و??ير??عظم شه??از شريف چيو ته هو اڳ ۾ به اتر و??ير??تان اچي چڪو آهي ۽ هتي هڪ ڀيرو ٻيهر اچي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن دهشتگردي عروج تي هئي، جهڙي طريقي سان توهان پنهنجي ڪلهن تي پنهنجي پيارن، پنهنجي ٻارن، بزرگن، مائرن، ڀينرن، فرزندن جا لاش کنيا، اهي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته رڳو اهو ئي نه جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ڪشمير ۾ به توهان جي ابن ڏاڏن، توهان جي بزرگن تمام وڏي جنگ وڙهي. و??ير??عظم چيو ته آئون اها ڳالهه دل جي گهراين سان ڪري رهيو آهيان، جيڪي بزرگ ۽ جوان منهنجي سامهون ويٺل آهن، انهن جون قربانيون هر حوالي سان تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون.