اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف جي هداي?? تي دادو ض??عي ۾ ڳوٺ فيض محمد درياني چانڊيو ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن ۽ زخمين جي امداد لاءِ وفاقي حڪومت هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته سانحي جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شه??از شريف ض??عي انتظاميا کي متاثرين جي بحالي تائين هر ممڪن امداد فراهم رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته سانحي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن جي ڏک ۾ پوري قوم برابر جي شريڪ آهي. هن هدايت ڪئي ته زخمين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. وزيراعظم شروعاتي رپورٽ کانپوءِ باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪرڻ جي مڪمل جاچ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ض??عي انتظاميا اهڙن قدمن کي يقين?? بڻائي ته مستقبل ۾ اهڙو ڪو واقعو سانحي جي شڪل اختيار ڪري سگهي ۽ تفصيلي رپورٽ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کي خبر پوڻ تي ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.