اسلام ??با?? ??? 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??با??ي ۾ تيزي سان اضافي سان ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي سطح تي هڪ وسيع البنياد مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا خانداني منصوبابندي تي عوامي راءِ هموار ڪرڻ، روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??با??ي ۾ تيزي سان اضافي تي ميڊيا نمائندن سان فڪري ويهڪ دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ٽيليويزن ٽاڪ شوز، ڊراما سير??لز ۾ ??با??ي جي مسئلي تي ڌيان ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، ??با??ي جي مناسب انتظام جي لاءِ پارلياماني ميمبرن جي فعال ڪردار، پختي سياسي عزم جي ضرورت آهي. هن چيو ته عوامي آگاهي جي لاءِ ??با??ي ۾ اضافي تي پارلياماني ڪاڪس جي ڪارروائي کي مناسب طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، ميڊيا پبلڪ سروس پيغامن ذريعي ملڪ ۾ ??با??ي جي ڳڻتي جوڳي شرح بابت بيداري پيدا ڪري. هن چيو ته خانداني منصوبابندي ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو رکڻ جي ضرورت آهي، اسلام زور ڏي ٿو ته مائرون پنهنجي ٻارن کي ٻن سالن تائين ??نهنجو کير پيارين، ٻارن کي ٻن سالن تائين ??اءُ جو کير پيارڻ سان ٻارن ۾ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ??با??ي ۾ تمام گهڻو اضافو قومي سلامتي جو مسئلو بڻجي سگهي ٿو، ??با??ي ۾ اضافي سان نئين ??سل کي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.