اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي سلامتي ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف صدر کي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي تيارين ۽ دهشتگرد عنصرن جي خلاف قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته هٿياربند فو?? ملڪ مان عسڪريت پسندن ۽ شرپسندن جي خاتمي جي لا??ِ پرعزم آهي. ان موقعي تي صدر سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو جن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ عسڪريت پسندن جي خلاف تازين ڪاررواين ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. هن چيو ته قوم کي پنهنجي هٿياربند فو?? جي قربانين تي فخر آهي جن سدائين هر قسم جي مشڪلاتن جي خلا?? قومي سرحدن جو دفاع ڪيو.