اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، افغانستان کي اڪليو نه ڇڏيو وڃي، ڪو??ونا وبا جي ڪري پوري دنيا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پاڪستان تي به پيا، ڪو??ونا وبا دوران پاڪستان حڪومت غريب ??وا?? کي ريليف فراهم ڪيو، پي ??ي وي ۽ ريڊيو جي لاءِ جاپان جي فني معاونت جي آجيان ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال، پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان جي لاءِ جاپان جي فني معاونت سميت ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، دنيا افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اشرف غني کي به اليڪشن بدران ٺوس حڪومت جو مشورو ڏنو هو پر هن اسان جي ڳالهه نه ٻڌي. هن چيو ته افغانستان جو امن دنيا جي امن جي لاءِ لازمي آهي، دنيا کي افغانستان ۾ امن جي ڪو??شن ۾ اڳتي اچڻو پوندو. ڪو??ونا وبا دوران پاڪستان حڪومت جي حڪم?? عملي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪو??ونا وبا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، پاڪستان حڪومت نه رڳو ڪو??ونا وبا جو بهتر حڪم?? عملي سان مقابلو ڪيو پر پنهنجي معيشت کي به مستحڪم ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 10 سيڪڙو ترقي ٿي آهي، تعميرات، ٽيڪسٽائيل ۽ زراعت جا شعبا به ترقي طرف گامزن آهن. هن چيو ته ڪو??ونا وبا دوران حڪومت غريب ??وا?? کي ريليف فراهم ڪيو، صحت ۽ احساس راشن پروگرام حڪومت جا وڏا قدم آهن جيڪي ??وا?? جي ڀلائي لاءِ شروع ڪيا ويا. هن چيو ته ڪو??ونا وبا جي ڪري عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پاڪستان تي به پيا، درآمدي شين جي ڪري اسان جي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ به اضافو ٿيو. جاپان پاران پي ??ي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي لاءِ فني تعاون جي آجيان ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي اسپيڪٽرم تبديل ٿي رهيو آهي، پي ??ي وي جا ٻه نيوز چينلز پي ??ي وي نيوز ۽ پي ??ي وي اسپورٽس ايڇ ڊي ڪري ڇڏيا آهن، پي ??ي وي انگلش ۽ پي ??ي وي هوم کي به ايڇ ڊي ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي جاپان جي سفير چيو ته جاپان ريڊيو پاڪستان ۽ پي ??ي وي کي فني معاونت فراهم ڪندو. هن چيو ته جاپان معيشت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي.