اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چي??رمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ماحول محفوظ ۽ سازگار آهي جنهن مان سعودي عرب جا سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا، ٻطرفي واپاري ل??ڳا??ن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب اها ڳالهه هن سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چي??رمين ڊاڪٽر عبدالله بن محمد آل شيخ جي قيادت ۾ اعليٰ اختياراتي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن سنيٽ چي??رمين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ل??ڳا??ن جي فورغ ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ پارلياماني رابطن يج فروغ سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ??ئي?? سينيٽ چي??رمين مهمان کي افغانستان جي صورتهال ۽ اتي جي ماڻهن کي بحران کا?? بچائڻ لاءِ کنيل قدمن کا?? آگاهه ڪيو، محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب ۽ ڪنگ سلمان رليف سينٽر پاران افغاني عوام جي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. سينيٽ چي??رمين چيو ته سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي جيڪا واکاڻ جوڳي آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي ل??ڳا??ن ۽ تعاون جي فروغ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چي??رمين چيو ته خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي عوام پاڪستان سان دلي همدردي رکن ٿا، سعودي مجلس شوريٰ ڪائونسل جي چي??رمين نئين پارلياماني سال جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ سينيٽ چي??رمين کي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا سان ل??ڳا??ا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. سعودي مهمان ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ سينيٽ چي??رمين جي ڪوششن کي ساراهيو.