اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري خيبرپختونخوا کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 8 فوتگيون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 391 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 16 سيڪڙو، ا??لام آباد ۾ 14 سيڪڙو، ملتان 14 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 13 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان ملتان ۾ 40 سيڪڙو، ا??لام آباد ۾ 11 سيڪڙو، سرگوڌا ۾ 20 ۽ صوابي ۾ 22 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 46 هزار 457 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 259، پنجاب ۾ 17 هزار 85، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 108، ا??لام آباد ۾ 4 هزار 539، بلوچستان ۾ 1867، گلگت بلتستان ۾ 254 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 245 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 12 لک 45 هزار 155 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ?? ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 99 مريض آهن. سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 12 هزا?? 114 آهي. سڄي ملڪ ?? ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 86 هزار 22 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 570، بلوچستان ۾ 33 هزار 491، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 413، ا??لام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 811، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 80 هزار 194، پنجاب ۾ 4 لک 43 هزار 310 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 76 هزار 233 مريض آهن. سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 سبب ??وت ٿيندڙن جو انگ 28 هزار 753 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 هزار 622 فوتگيون ٿيون. پنجاب ۾ 13 هزار 31 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب ??وت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 855 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب ??وت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 957 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ ڪل 360 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 186 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 742 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ – 19 جا 2 ڪروڙ 21 لک 18 هزار 750 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 930 مريض علاج هيٺ آهن.