اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معاشي ??يم کي هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏ??ڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، معاشي ترقي جي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري ??فا??ي وزير عمر ايوب خان، توانائي واري ??فا??ي وزير محمد حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار واري ??فا??ي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ?? نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين، قومي غذائي تحفظ واري ??فا??ي وزير سيد فخر امام، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري ??فا??ي وزير اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي معاشي ??يم پاران عالمي مارڪيٽ ۾ مهانگائي ۽ ??ڌن??ڙ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي بريفنگ ني وئي جڏهن ته کيس ملڪ جي مجموعي اقتصادي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ مثالي قدم کنيا، ڪورونا وائرس جي وبا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ انتهائي تيزي سان اضافي جي باوجود حڪومت قيمتن کي گهٽ رکڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي ترقي جي لاءِ اهم ميڪرو اڪنامڪ انگن اکرن جي استحڪام تي ڀرپور ڌيان ڏنل آهي. هن معاشي ??يم کي هدايت ڪئي ته عام ماڻهو کي ريليف ڏ??ڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.