اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پ??ڪستان ۽ سعودي عرب جو پاڻ ۾ دل جو رشتو آهي ٻئي مل?? مذهب، تاريخ ۽ اخوت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، سعودي عرب سان اسان جا لاڳاپا پاڪستان جي آزادي کان پهرين جا آهن، وزيراعظم عمران خان ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي ذريعي ٻنهي مل??ن جي لاڳاپن جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو، پاڪستاني عوام جي دل مڪي ۽ مديني سان گڏ ڌڙڪي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي 91 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 1932ع ۾ سعودي عرب ۾ حجاز ۽ نجد کي گڏائي سعودي عرب جو قيام عمل ۾ آيو جنهن ??ي نه رڳو مڊل ايسٽ پر دنيا جي تاريخ ۾ اهم مقام حاصل آهي، هن ??يو ته شاهه عبدالعزيز 1902ع ۾ رياض ۽ 1903ع ۾ الحصه کي فتح ڪيو ۽ حجاز ۽ نجد کي هڪٻئي سان ڳنڍيو، اهڙي طرح آلسعود هڪ نئين مملڪت جو بنياد رکيو، ان جي تاريخ حيران ڪندڙ آهي ته ڪهڙي طريقي سان هنن سعودي عرب جو بنياد رکيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ??ڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا پاڪستان جي آزادي کان پهرين جا آهن، 1940ع ۾ ??ڏه?? شاهه عبدالعزيز پنهنجي پنجن ڀائرن سان گڏ ڪراچي آيو ته اسان جا سعودي عرب سان لاڳاپا هموار ٿيا، هن ??يو ته 1946ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار آيو ته سعودي عرب قائداعظم محمد علي جناح جي اپيل تي 10 هزار برطانوي پائونڊ آل انڊيا مسلم ليگ کي عطيو ڪيا، 1946ع جي آخر ۾ ??ڏه?? آل انڊيا مسلم ليگ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وئي ته ان جي وفد کي داخلا کان روڪيو ويو، ان وقت شاهه عبدالعزيز گڏيل قومن جي عهديدارن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي وفد کي گهرايو ۽ اهڙي طرح گڏيل قومن ۾ داخلا جي راهه هموار ڪئي، هن ??يو ته شاهه عبدالعزيز جو جهڙي قسم جو تعلق قائداعظم آل انڊيا مسلم ليگ سان هو اهو پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم حصو آهي، هن ??يو ته 1960ع کانپوءِ پاڪستان جا سعودي عرب سان دفاعي لاڳاپا قائم ٿيا، انهن لاڳاپن جي هڪ پنهنجي تاريخ آهي، هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان ۽ محمد بن سلمان جي ذريعي لاڳاپن جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو آهي، اميد آهي ته اهي لاڳاپا هڪ نئين رخ ۽ نئين منزل تي پهچندا. هن ??يو ته وزيراعظم جي خاص نمائيندي حافظ طاهر محمود اشرفي سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ??ڪستان جو سعودي عرب سان دل جو رشتو آهي، پاڪستان جي هر ماڻهو جي دل مڪي ۽ مديني سان گڏ ڌڙڪي ٿو ۽ انشاءُ الله اهي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.