اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صحافين ميڊيا ورڪرز جي پگهارن، نوڪرين جي تحفظ، فيڪ نيوز ۽ ويج بورڊ کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين، صحافت جي آزادي ڪنهن جي منافعي ڪمائڻ يا ڪنهن جي تحفظ جو نالو نه آهي، قانون اهو هوندو آهي جيڪو ايڪٽ پارليامينٽ هجي يا آرڊيننس جي ذريعي اچي، پي ا??م ڊي ا?? فريم روڪ اڃان مشاورت جي عمل ۾ آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽين??نگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏئي ر??يو هو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد ڪئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته صحافين جي تحفظ جو بل قومي اسيمبلي جي ا??ساني حقن بابت اسٽين??نگ ڪميتي ۾ ٽن مهينن کان رڪيل آهي، 18 هين ترميم کانپوءِ امن امان جو معاملو صوبائي آهي، عزيز ميمڻ، اجي ل??لو??ڻي جي ڪيسن ۾ ڇا ٿيو؟ هن چيو ته ميڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ هڪ ارب 70 ڪروڙ جي ادائيگي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽين??نگ ڪميٽين ۾ اسٽيڪ هولڊرز پيمرا، آءِ ٽي ا??ن اي، پريس ڪائونسل کي مضبوط بڻائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، پي ا??م ڊي ا?? ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، اجلاس ۾ پي بي ا??، اي پي ا??ن ايس، سي پي ا??ن اي، پي ا??ف يو جي ۽ صحافتي تنظيمن جي عهديدارن پي ا??م ڊي ا?? بابت تجويزون پيش ڪيون.