اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته جرمني سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل جمهوري قدرن ۽ گهڻ ر??ي تعاون تي ٻڌل آه??، پاڪستان خطي جي انهن ملڪن ۾ شامل آه?? جتي ميڊيا کي آزادي حاصل آه??، جرمني جي فلم ساز ۽ ڊرامه پروڊيوسرز پاڪستان اچن ۽ ڪئميرا جي اک سان هماليه سلسلي جي خوبصورتي دريافت ڪن. اها ڳالهه هن جرمني جي سفير برن هارڊ اسٽيفن شليگ هيڪ سان ڳالهائيندي چئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن فلم ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جرمني جي فلم ۽ ڊرامه پروڊيوسرسز ايسوسيئيشنز سان زوم ميٽنگ جي انعقاد جي تجويز ڏني، هن چيو ته پاڪستان ان پهرين ايشيائي ملڪن ۾ شامل آه?? جنهن جرمني سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا، هن چيو ته علامه اقبال جا جرمني سان لاڳاپا ۽ هيڊلبرگ جي باري ۾ سندس شاعري کي اجاگر ڪرڻ بابت وڊيو فلم جي حوالي سا?? پرڏيهي وزارت جي تجويز جوائنٽ پروڊڪشن ۽ دستاويزي فلمن جي شعبن ۾ تعاون کي سگ??ه بخشيندي.