اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آمريڪا، ڪئناڊا ۽ برطانيا سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي پارليامينٽن جي سربراهن، اسپيڪرز ۽ پرزائيڊنگ آفيسرز کي مسجد اقصيٰ ۾ معصوم فلسطيني نمازين تي رمضان جهڙي مقدس مهيني ۾ تازي اسر??ئي??ي جارحيت طرف ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيا آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب خطن ۾ انهن ??و ڌيان اسر??ئي??ي ظلمن ??رف ڇڪر??ئي??دي چيو ويو آهي ته اسر??ئي??ي ڪارروايون عالمي انساني حقن ۽ قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. ڪو به مذهب عبادتگذارن تي اهڙي قسم جي بربريت جي اجازت نه ٿو ڏي. سينيٽ چيئرمين چيو ته انهن ظلمن جي سمورن ملڪن پاران واضح طور تي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ فلسطين مسئلي جو پرامن ??ل ڪڍڻ گهرجي ته جيئن فلسطيني مسلمان سک جو ساهه کڻي سگهن.