اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سمورن مذهبن کي مڃيندڙن جي دل آزاري روڪڻ جي لاءِ قانوني قدمن تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ڪو م??هب ناهي هوندو، اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ناموس رسالت ﷺ جي شان ۾ گستاخي سان ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿئي ٿي ۽ اسلامو فو??يا سان بين المذاهب نفرت کي هوا ملي ٿي، مسلمان دنيا کي متحد ٿي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سفيرن سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چي?? ته هو او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي سفيرن کي ڀليڪار چوي ٿو. وزيراعظم چي?? ته دنيا ۾ اسلامو فو??يا جو م??ئلو اڳ کان ??ڌيڪ شدت اختيار ڪري چڪو آهي، مون وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ ڪوشش ڪئي ته مسلمان ??لڪن ۽ اولهه دنيا جي وچ ۾ جيڪو خال وڌي رهيو آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي.