سيالڪوٽ – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي لاءِ حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ طرف وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ شفافيت آڻيندڙ وزيراعظم جي خلاف سڀ چور گڏ ٿي و??ا آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊسڪه ??ان اميدوار علي اسجد ملهي الي??شن کٽي چڪو آهي، الي??شن ڪميشن کي گهرجي ته اها فوري طور تي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪري، ڊسڪه جي عوام نواز شريف جي بيانيي، ڌوئنس، پئسي جي سياست کي سدائين جي لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، (ن) ليگي قيادت جي هڪ مهيني جون ڳالهيون ٻڌو ته ان ۾ واضح طور تي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته اسان الي??شن بندوق سان کٽينداسين. هو ڊسڪ?? ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، عث??ان ڊار ۽ علي اسجد ملهي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽر شبلي فراز وزيرن سان گڏ پي ٽي آءِ جي فوت ٿيندڙ ڪارڪنن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي اسان هتي آيا آهيون، سوڳوار خاندان سان همدردي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) سدائين ڌوئنس، پئسي، غنڊه گردي، قتل غارت جي سياست ڪئي آهي، هن الي??شن ۾ به انهن پنهنجي اسپيشلسٽ ماڻهن جن ۾ راڻا ثناءُ الله، جاويد لطيف ۽ ٻين کي ڊسڪه انهي مقصد جي لاءِ موڪليو آهي. هن چيو ته اڄ ڊسڪ?? ۾ تقرير ۾ واڳون وارا ڳوڙها وهندي ڏسي ماڊل ٽائون واقعو ياد اچي و??و جنهن ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگن تي گوليون هلايون ويون، ماڊل ٽائون تي حملو راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ ڪيو ويو آهي، الي??شن کي آلوده ۽ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ اهي قدم کنيا ويا. هن چيو ته ايتري ڪاوڙ ۽ دهشتگردي ان لاءِ آهي ته نواز شريف جي بيانيي کي شڪست ٿي رهي آهي، وزيرآباد جي اليڪشن، 2018ع جي الي??شن جي نتيجن سميت هر الي??شن ۾ هزارين ووٽن جو فرق آهي. هن چيو ته ڊسڪ?? ۾ (ن) ليگ 40 هزار جي ليڊ کنئي هئي ۽ اڄ الي??شن هارائي رهيا آهن، انهن جي پيرن هيٺان زمين نڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو بيانيو، نئين پاڪستان ۽ تبديلي جو انهن کي ڊپ آهي، پي ٽي آءِ ائين ئي کٽيندي رهي ته انهن جي سياسي هڪ هٺي جو خاتمو ٿيندو.