اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن ک?? هنر جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پاڪستان ک?? پاڻڀرو ملڪ ۽ مستقبل جي ع??لمي قوت بڻائڻ جي خواهشمند آهي. هو نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ آءِ سي ٽي جي شعبي بابت قومي سيمينار جي آخري سيشن جي صدارت ڪري رهيو هو. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو پريزيڊنٽ ليفٽينٽ جنرل محمد سعيد پڻ سيمينار ۾ موجود هئا. سيمينار ۾ قومي ۽ عالمي آءِ سي ٽي ماهرن، صنعتي شعبن جي نمائندن ۽ سينيئر فوجي ۽ سول آ??يس??ن شرڪت ڪئي.