اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم عم??ان خان خبردار ڪيو آهي ته بين الافغان ڳالهين ۾ وڌيڪ مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون جڏهن ته ان جي لاءِ سمورين ڌرين کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ڳالهين واري عمل ۾ سستي ۽ ڏکيائي به اچي سگهي ٿي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڊيڊ لاڪ به پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته افغان پنهنجي مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙن موقعن تي اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي انهن کي ياد ڏياريندا رهنداس??ن ته ڳالهين جي ميز تي بنا ڪنهن رتوڇاڻ جي ڊيڊ لاڪ جنگ جي ميدان جي رتوڇاڻ واري حل کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي. وز??را??ظم عم??ان خان اهڙن خيالن جو اظهار واشنگٽن پوسٽ جي تازي شماري ۾ هڪ آرٽيڪل ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي ڪيو. وز??را??ظم چيو ته سمورين ڌرين کي جن افغان امن عمل ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي انهن کي غيرحقيقت پسنداڻي طور تي مدو مقرر ڪرڻ جي خرابين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو عمل دخل استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وز??را??ظم چيو ته افغانستان مان عالمي دنيا جو جلدبازي ۾ انخلا غيردانشمنداڻو هوندو. آرٽيڪل ۾ وز??را??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي انهن علائقائي عنصرن کان ب?? بچڻو پوندو جن جي امن عمل ۾ سيڙپڪاري نه آهي ۽ اهي پنهنجي جاگرافيائي مفادن جي لاءِ افغانستان ۾ عدم بدامني ڏسڻ چاهين ٿا.