اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام خاص طور تي معاشري جي ڪمزو?? طبقن کي صحت جون معياري سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پنجاب جي ٻن وڏن شهرن ۾ قومي صحت ڪارڊ جي يونيورسل ڪوريج کي جاري ڪرڻ جو جائزو ورتو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجا?? صوبي ۽ خيبرپختونخواهه صو??ي ۾ قومي صحت ڪارڊ پروگرام تحت ضرورتمند ماڻهن کي صحت جي معياري سهو??تن جي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.