اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ا??يمبلي جي ا??پيڪر اسد قيصر چيو آهي ته لاهور موٽروي تي پيش ايندڙ واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي، ان واقعي جا اسان جي ايندڙ نسلن تي ا??ر پوندا. قومي ا??يمبلي جي ا??لاس دوران اسپيڪر پنهنجي ريمار??س ۾ چيو ته لاهور جي واقعي تي بحث ٿئي ڇو ته اهو واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي ۽ ان جا ايندڙ نسلن تي ا??ر پوندا. عالمن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين جي تحفظ جي لاءِ اڳ??ي اچ?? گهرجي. اسان جون به ٻارڙيون، مائرون ۽ ڀينرون آهن، هن مسئلي تي بحث ڪري ڪوتاهيون ختم ڪر?? گهرجن. سيد نويد قمر چيو ته لاهور جي واقعي تي ا??ان التوا واري رٿ جمع ڪرائي آهي. اسان به چاهيون ٿا ته ان تي تفصيلي بحث ڪرايو وڃي. ان معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر بڻجي نه پر پاڪستان جو شهري بڻجي پنهنجي راءِ ڏين. جتي جتي ڪوتاهي آهي اها ختم ڪرڻ جي لاءِ تجويزون سامهون آنديون وڃن.