اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سمورن تعميراتي من??وبن جي پڄاڻي مقر?? مدي ۾ يقيني بڻائي وڃي، تعميرات جي شعبي ۾ سمورن مرحلن جي آٽوميشن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ نظام کي آسان بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي، ايف بي آر پاران ڪاروباري ??رادري ??ي لاءِ آسانيون فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ٻاه??ئي?? ملڪ رهندڙ پاڪستانين بابت خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ناليواري ڪاروباري ??خصيت عارف حبيب، عقيل ڪريم ڍيڍي، محسن شيخاڻي ۽ حسن بخشي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايف بي آر پاران تعميرات جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سهولتڪاري ۽ نئين قدمن، بلوچستان صوبي ۾ تعميرات جي شعبي ۾ نئين من??وبي، وفاقي گادي واري ??هر بليو ايريا ۾ پلاٽن جي نيلامي ۽ ٻين اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. ايف بي آر پاران تعميرات جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سهولتڪاري ۽ نئين قدمن بابت بريفنگ ڏيندي ايف بي آر چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ??ه ايف بي آر ٽيڪس گذارن جي سهولتڪاري لاءِ تعميراتي من??وبن، ڊويلپرز ۽ بلڊرز جي لاءِ آن لائن رجسٽريشن جو نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن سان تعميرات جي شعبي ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي آسان ٿيندي. انهن قدمن جي ميڊيا ۽ ٻين ذريعن سان تشهير ڪئي پئي وڃي.