اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽ?? شبلي فراز پهريون نشان حيدر ماڻيندڙ ڪيپٽن سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي بي م??ال جرئت ۽ بهادري سان تاريخ لکي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽ?? شبلي فراز چيو ته ملڪ تي قربان ٿيندڙ بهادر پٽ قوم جو فخر آه??، قوم انهن کي سلام پيش ڪري ٿي. واضح رهي ته ڪيپٽن راجا ??حمد سرور ڀٽي 27 جولاءِ 1948ع تي شهادت ماڻي هئي.