اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو آهي ته سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ 4200 جي لڳ ڀڳ وينٽ?? ليٽرز موجود آهن ۽ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر مريضن جي لاءِ وينٽ?? ليٽرز جي گهٽتائي يا کوٽ نه آهي. هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اضافي 1310 وينٽ?? ليٽرز جي خريداري لاءِ آرڊرز اڳ ۾ ئي ڏنا ويا آهن. ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته وينٽ?? ليٽرز کي هلائڻ جي لاءِ تربيت يافته عملي جي ضرورت هوندي آهي. جن ڪمپنين کان وينٽ?? ليٽرز خريد ڪيا پيا وڃن انهن کان عملي کي تربيت ڏيڻ، وينٽ?? ليٽرز هڻڻ ۽ هڪ سال کان وٺي ٽن سالن جي مدي تائين ان جي مرمت کي يقيني بڻايو ويو آهي، آمريڪا به پاڪستان کي 200 وينٽ?? ليٽرز ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، انهن مان اڌ تمام جلد پاڪستان پهچي ويندا، انهن ۾ ڪراچي ۽ پشاور کي 30، 30، بلوچستان کي 15 ۽ فيصل آباد کي 10 ۽ لاهور کي 15 وينٽ?? ليٽرز ڏنا ويندا.