اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي مذهبي معاملن واري مرڪزي سيڪريٽري پير سيد حبيب عرفاني ۽ عالم سڳورن ملا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملا??ات ڪندڙ عالم سڳورن ۾ پير سيد اسرارالحق نظامي، پير توصيف الاهي مجددي، علامه عظمت حسين شاهه ۽ علامه محمد اصغر شامل هئا. ملا??ات ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏس ۾ موجوده حالتن ۾ عالم سڳورن جو ڪردار خاص طور تي عوام ۾ حفاظتي تدبيرن جي فروغ ۾ عالم سڳورن جي ڪردار جي حوالي سان خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مسجدن، درگاهن ۽ خانقاهن جي معاملن ??ي بهتر ??نت??ام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.