سيالڪوٽ – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاسق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم ڪورونا ۽ معاشي مشڪلاتن کي هڪ ئي وقت منهن ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم سمجهي ٿو ته جيڪڏهن معيشت جو ڦيٿو هل??دو ته مزدور جو چلهو ٻرندو، هن چيو ته رمضان مهيني کان اڳ ننڍن دڪاندارن جي لاءِ حڪومت پئڪيج جو اعلان ڪندي. خاص مددگار جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال مان ن??جائز فائدو کڻندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي ضرورتن ۽ عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڏي مقدار ۾ ??ڻڪ خريد ڪنداسين، حڪومت ??ڻڪ خريداري جي لاٰ 280 ارب رپين جي رقم رکي آهي.