سيالڪوٽ – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کن?? جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ جي ذميوارن جي رپورٽ عام ڪري هڪ جهڙو قانون لاڳو ڪرڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي، وزيراعظم پنهنجي پارٽي کان خود احتسابي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو، فرانزڪ آڊٽ ذريعي سموريون حقيقتون عوام تائين پهچايون وينديون ۽ جيڪي ذميوار هوندا انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي، ??ريف گروپ جي حقيقت به هن رپورٽ ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ??پورٽ تي تنقيد کان اڳ شهبا?? شريف کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، وزيراعظم پورهيتن جي لاءِ اربين رپين جو مثالي پئڪيج ڏنو، عالمي معاشي بحران جي ڪري پاڪستاني ??نع??ڪار به مشڪلاتن جو شڪار آهن، منافعي خوري ۽ مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙن تي ڪڙيءَ نظر رکي ويندي. هو سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.