اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سينئر صحافي مسعود ملڪ کي سوين سوڳوارن جي ??وجودگي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ??فا??ي گادي واري شهر اسلام آباد جي ايڇ ايٽ قبرستان ۾ مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ريلوي واري ??فا??ي وزير شيخ رشيد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر حاجي ??واز کوکر، عرفان صديقي، پرنسپل انفارميشن آفيسر ( پي آءِ او) طاهر خوشنود، پيمرا جو چيئرمين سليم بيگ، صدر جي ??ريس سيڪريٽري ميان جهانگير، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف ??اڪستان جي ??ينيجنگ ڊائريڪٽر طارق محمود خان، مشهور سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر جمال ناصر، قومي اسيمبلي ميمبر صداقت عباسي، انجم عقيل خان سميت اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن، سينئر صحافين، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.