اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ مسئلي جي سياسي حل جي لاءِ ڪوششن ۾ تعاون جاري رکندو، اميد آهي افغان اڳواڻ افغان مسئلي جي وسيع البنياد ۽ ٺوس سياسي حل جي لاءِ ??المي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا، ڄمون ڪشمير تڪرار سميت سمورن معاملن تي ترڪيءَ جي مضبوط ۽ مسلسل حمايت تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظ??ار هن ترڪيءَ جي دفاع واري وزير حلوسي آڪار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم ??مران خان پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ بي مثال گڏيل اعتماد ۽ گڏيل حمايت جي بنياد تي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ??رڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جي ڀائر عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظ??ار ڪيو. وزيراعظم ??رڪيءَ ۾ ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه سان نقصان تي همدردي جو پڻ اظ??ار ڪيو. پاڪستان پاران يڪجهتي ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن امداد کي ورجايو. وزيراعظم ??طرفي دفاعي تعاون جي مو??وده سطح تي اطمينان جو اظ??ار ڪيو ۽ سمورن معاملن خ??ص طور تي ڄمون ڪشمير جي تڪرار تي پاڪستان جي ڀرپور ۽ مسلسل حمايت تي ترڪيءَ جا ٿورا مڃيا. علائقائي معاملن جي حوالي سان وزيراعظم ??فغان امن عمل بابت پاڪستان جي موقف کان کيس آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڳالهين ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. وزيراعظم ??ميد ظاهر ڪئي ته افغان اڳواڻ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ پائيدار سياسي حل جي لاءِ ??المي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ سياسي حل جي لاءِ مدد ڏيڻ جي ڪوششن ۾ تعاون ڪندو. ترڪيءَ جي دفاع واري وزير ترڪي جي صدر اردوان پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ڄمون ڪشمير سميت سمورن مسئلن تي ترڪيءَ پاران پاڪستان جي حمايت کي ورجايو. هن وزيراعظم ??ان ملاقات ۾ دفاع سميت گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن افغانستان ۾ سياسي حل جي لاءِ ??رڪيءَ جي ڪوششن جو پڻ ذڪر ڪيو. حلوسي آڪار جو پاڪستان جو دورو ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ اهم ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جي لاءِ ??عليٰ سطحي دورن جو حصو آهي.