لسٻيلا / اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان جي ترق?? جي لاءِ هڪ هزار ارب ر??يا خرچ ڪري رهيا آهيون، ماضي جا حڪمران بلوچستان بدران لنڊن وڌ??ڪ ويندا رهيا، بلوچستان جي پنهنجي اڳواڻن به صوب?? جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، بلوچستان ترق?? جي ڊوڙ ۾ ملڪ جي ٻين علائقن کان پٺتي رهجي ويو ان لاءِ صوبي تي وڌ??ڪ ڌيان آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سون مياڻي ساحل تي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ٻوٽو لڳائيندڙ ڪارڪنن ۽ مقامي ماڻهن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا سامونڊي علائقا تمام گهڻا خوبصورت آهن جتي سياحتي جايون ٺاهي سگهجن ٿيون، هيستائ??ن پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ سمورو ڌيان جابلو علائقن تي ڏنو ويو، لسٻيلا ۾ سياحت جي فروغ جا وسيع موقعا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ مسلمان ملڪن جي سياحن کي راغب ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا آهن، پاڪستان الله تعاليٰ پاران تمام وڏو تحفو آهي، بدقسمتي سان اسان ان تحفي جو قدر نه ڪيو، حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته ماڻهن جي زندگي بهتر ڪئي وڃي، ماضي جا حڪمران بلوچستان بدران لنڊن وڌ??ڪ ويندا رهيا، بلوچستان جي پنهنجي اڳواڻن به صوب?? جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. وزيراعظم چيو ته س??مونڊي علائقن ۾ مينگروز جا ٻيلا چنئوڻ تي وڌ??ڪ صحت جي لاءِ هاڃيڪار ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا. هن چيو ته موسمياتي ماهرن جي تازي رپورٽ موجب عالمي گرمي پد ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، عالمي گرمي پد ۾ اضافي سان مختلف ملڪن ۾ باهيون لڳڻ، ٻوڏن سميت قدرتي آفتون درپيش آهن.