ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورت اسپورٽس کي اڄ جيتري حوصلا افزائي مل?? رهي آهي اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي، اڄ وومين ڪرڪيٽرز جي صلاحيت ڏسي حيران رهجي ويس، رانديون چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو حوصلو پيدا ڪن ٿيون، ليڊرشپ جون صلاحيتون به وڌن ٿيون، راندين ??ان ليڊرشپ نڪرڻ جو مثال وزيراعظم عمران خان آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ آل پاڪستان چيف منسٽر بلوچستان ڊائمنڊ جوبلي ڪوئيٽا گليڊيئر وومين ليگ ٽورنامنيٽ جي فائنل مئچ دوران خطاب ڪندي ڪيو. ??در عارف علوي چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير ٻڌايو ته ٽن سالن ۾ 18 بلين ??سپورٽس تي خرچ ڪيا ويا آهن، ايتري وڏي رقم اسپورٽس تي خرچ ڪرڻ خوش آئنده آهي. ??در عارف علوي وڌيڪ چيو ته راندين ??ان ڪرپشن جي خلاف ورهڻ جي همت پيدا ٿئي ٿي. ??در چيو ته هاڪيءَ ۾ به ليگز ٺهن ته هاڪيءَ جي راند ۾ نوجوانن جي دلچسپي وڌندي، هن وقت پاڪستان جي 6 بائولرز جي دنيا ۾ بهترين ??ينڪنگ آهي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ پاران عورتن جي وراثت بابت فيصلي جي آجيان ڪريان ٿو، جيڪڏهن اسپورٽس ۾ نوجوانن جي لاءِ رستا کلن ته منشيات مان ڇوٽڪارو مل?? سگهي ٿو. بلوچستان جي وڏي وزير جڏهن مون کي اچڻ جي دعوت ڏني ته مون دلچسپي جي ڪري فوري طور تي ها ڪري ڇڏي. تقريب جي آخر ۾ ??در ڊاڪٽر عارف علوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ انعام ورهايا.