اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سيڙپڪاري، ثقافتي ۽ سفارتڪاري سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ، ٻه طر??ي ناتن جي ??ستحڪام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي ??سلسل ۽ پاڪ سعودي پرڏيهي وزارتن ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي گڏيل ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي- پاڪستان اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. پاڪ سعودي پرڏيهي وزارت وچ ۾ وفدن جي ??طح تي ڳالهين بعد سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو ته اسان جا سعود ي عرب سان پراڻا ۽ تاريخي ناتا آهن، هن چيو ته اسان جون ٻه طر??ن وفدن جي ??طح تي ڳالهيون ٿيون، اسان اقتصادي رابطن کي هٿي وٺائڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي خاص طور تي ڳالهيون ڪيون. شاه محمود قريشي چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي- پاڪستان اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن هتي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سپريم ڪو آرڊينيشن ڪائونسل جي ??وڙجڪ تي ڳالهيون ٿيون. سپريم ڪائونسل جي ڪم جي طر??قيڪار تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ان حوالي سان ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي ??فيس ۾ ڌار ڌار فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويندا ته جيئن هڪٻئي جي ناتن کي ڏسڻ لاءِ ??انچي جي ??طح تي راهه هموار ٿي سگهي. شاه محمود قريشي چيو ته ٻئي ملڪ ميڊيا، انفارميشن، راندين ۽ ثقافتي شعبن ۾ به ناتن کي اڳيان وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته ويزن 2030ع تبديلي جو مظهر آهي، اسان تهذيبي رابطن کي هٿي وٺرائڻ چاهيون ٿا. نئين قيادت جي ويزن 2030ع تحت سعودي عرب تبديلي طر?? ڏسي رهيو آهي ۽ ان شع??ي ۾ ماضي ۾ ڪم ئي ناهي ٿيو. اسان ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته لکين پاڪستاني سعودي عرب ۾ ترسيل آهن، جيڪي اتي پاڪستاني فلمن جي نمائش ڏسڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي پسنديده گلوڪارن جي پرفارمنس مان لطف اندوز ٿيڻ چاهين ٿا. هي اهو شعبو آهي جنهن تي اسان ماضي ۾ ڪو به ڌيان ناهي ڏنو. هن چيو ته اسان مذهبي ناتن سان گڏوگڏ ثقافتي ناتن کي هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آهيون. موسمياتي تبديلين جي ??والي سان پرڏيهي وزير چيو ته گرين سعودي عرب ۽ گرين مڊل ايسٽ ۽ وزيراعظم عمران خان جي ??وچ ڪلين گرين پاڪستان پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکن ٿا. ماحولياتي ۽ موسمياتي شعبن ۾ سهڪار اڳيان وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته مون سعودي پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ڪشمير جي ??ورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير مسئلي تي سعودي عرب جي ??مايت تي سندس ٿورا مڃيا. اسان افغانستان جي ??دلجندڙ صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو. اسان ٻنهي جي ??فغانستان جي ??والي سان سوچ ۾ هڪجهڙائي نظر آئي. شاه محمود قريشي چيو ته ويڪسينيشن ۽ سفري مشڪلاتن جي ??والي سان به ڳالهيون ٿيون، اهي پاڪستاني شاگرد جيڪي سعودي عرب ۾ تعليم پرائڻ جي ??نتظار ۾ آهن، انهن جي ??هولت ۾ سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. شاه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان هميشه پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ??وششون ڪيون آهن. هن چيو ته سي پيڪ رٿائن خاص طور تي اقتصادي زونز ۾ سعودي عرب جي ڪاروباري ڪمپنين لاءِ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن ۽ ان حوالي سان سعودي پرڏيهي وزير کي آگاه ڪيو آهي. ان موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود چيو ته پاڪ سعودي ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار، ڀائراڻا ناتا قائم آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطح تي ڳالهين کي هٿي وٺرائي ويندي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب ۾ لکين پاڪستاني ترسيل آهن، جيڪي سعودي عرب جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته خطي جي ??لامتي انتهائي عزيز آهي ۽ ان سلامتي لاءِ ??ڏجي ڪم جاري رکيو ويندو.