اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سفير کي ڪڍڻ ۽ فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ سان فرانس جو ڪجهه نه بگڙجندو، يورپي ۽ اولهه ملڪ ناموس رسالت صه جي معاملي کي اظهار جي آزادي جو مسئلو سمجهن ٿا، فرانس کانپوءِ اسان ٻئي ڪهڙي ملڪ جي سفير کي واپس موڪلينداسين، 50 اسلامي ملڪن مان ڪٿي به اهڙي قسم جا مظاهرا نه ٿيا نه ڪنهن سفير کي واپس موڪليو، مسلمان دنيا کي گڏجي اولهه کي سمجهائڻو پوندو ته اهو اظهار جي آزادي جو مسئلو نه آهي، آئون ان جي ذميواري کڻان ٿو ۽ ان مهم جي قيادت ڪ??دس، گذريل هفتي جي صورتحال سان ملڪ جو تمام ??هڻو نقصان ٿيو، ٻاهر جا دشمن به ان صورتحال ۾ شامل ٿي ويا، 4 لک ٽوئيٽس مان 70 سيڪڙو جعلي اڪائونٽس تان ڪيا ويا، ڀارت ??علي ويب سائيٽن ذريعي پروپئگنڊه ??ري رهيو آهي، (ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي به حڪومت کي نقصان پهچائڻ لاءِ گڏجي ويا. پاڪستان ٽيليويزن تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هفتي دوران افسوسناڪ حالتون پيش آيون.