لاهور – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ مديني جي رياست وانگر قانون جي بالادستي، ميرٽ ۽ انسانيت جي ڀلائي تي ٻڌل رياست جو تصور کڻي اچي رهيا آهيون، خاص طور تي معاشري جي ڪمزور طبقن کي ??هولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان آهي، ملڪ ۾ تعميرات جي شعبي جي ترقي سان روزگار جا موقعا، غربت جو خاتمو ۽ ملڪي دولت ۾ اضافو ٿيندو، بئنڪن پاران گهرن جي لاءِ مورگيج جي سهولت جي فراهمي جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽو?? ختم ڪرڻ جي لاءِ عدليه سميت سمورن ادارن جي تعاون جو ٿورائتو آهيان، ايڪهين صدي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نظام ۾ موجود خرابين کي ??تم ڪرڻو پوندو. هو نئون پاڪستان اپارٽمنٽس جي پيڙه?? جو پٿر رکڻ واري تقريب کي ??طاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي حڪومت پنجاب، وڏي وزير، وزيرن ۽ مختلف ادارن کي ??راج تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان سڀني جي سامهون آئون پنهنجي خوشي جوا ظهار ڪرڻ چاهيان ٿو، اسان اڄ جنهن مقام تي پهتا آهيون ان لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي، ”فور ڪلوزر“ قانون منظوري ۾ ٻه سال لڳا، ان جي لاءِ عدلي?? جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، جيڪڏهن هو مدد نه ڪري ها ته قانون منظور نه ٿئي ها، ڪيترن ئي سالن کان اهو قانون التوا ۾ هو، ان قانون جي منظوري کانپوءِ بئنڪ هاڻي مورگيج جي سهولت ڏئي رهيو آهيون، وزيراعظ?? چيو ته پاڪستان ۾ ڪل آبادي جي 0.2 سيڪڙو جي شرح سان مورگيج جي سهولت ڏني پئي وئي جڏهن ته اولهه، آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ اها شرح 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ روڪ رقم نه آهي ته هو نه پنهنجو گهر خريد ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي گهر ٺاهي سگهي ٿو، دنيا ۾ ان جي لاءِ بئنڪون قرض فراهم ڪنديون آهن جيڪو پئسو مسواڙ جي مد ۾ ويندو آهي اهو گهر جي قسطن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ اهو گهر ان ماڻهو جي ملڪيت بڻجي ويندو آهي، وزيراعظ?? چيو ته ان سان هر ماڻهو وٽ هڪ موقعو ميسر آيو آهي ته هو قسطون ڏئي پنهنجو گهر حاصل ڪري سگهي، ان منصوبي کي ??ملي جامو پارائڻ جي لاءِ ايل ڊي اي، بئنڪن سيڪٽر، عدليه سميت سمورن ادارن ڀرپور تعاون ڪيو.