اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ ا??سا?? ڪفالت ادائيگي سينٽر جو دورو ڪيو جنهن ۾ اڄ کان 70 لک مستحقين کي ادائيگي شروع ڪئي ويندي. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ادائيگين جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ سائبر حملن جي خلاف تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ کنيل ??دم?? کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن ڀيري عورتن جي بئنڪن تائين پهچ ۽ اي ٽي ايم مان رقم جي وصولي پڻ يقيني بڻائي وئي آهي. ا??سا?? ادائيگي نظام کي وصول ڪند??ن جي لاءِ مف??د ۽ آسان بڻائڻ جي لاءِ بايو ميٽرڪ اي ٽي ايم مان رقم جي وصولي جو آپشن پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو پيو وڃي.