اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت جي عوام پاڪستان تح??يڪ انصاف کي تمام گهڻي پذيرائي ڏني آهي، مخالف ڌر جي تقريرن ۽ بيانن سان لڳي ٿو ته اهي پنهنجي شڪست کي ڌانڌلي جو نالو ڏيندا، ا??ي اقتدار جي حوس ۾ مبتلا آهن، ا??هن جي سوچ جمهوري نه آهي، جمهوريت جو لباس پائي مسلم ليگ (ن) چونڊيل حڪ??مت جي خاتمي لاءِ غيرآئيني طريقو اختيار ڪري رهي آهي، ڪورونا جي باوجود معاشي صورتحال بهتري طرف گامزن آهي، شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم جاري آهن، سياسي مخالفن بابت اڻوڻندڙ زبان جو استعمال مسلم ليگ (ن) جو شيوو آهي، ا??ي ماڻهو اقتدار کي عوام جي ڀلائي جي لاءِ نه پنهنجي ڪرپشن بچائڻ ۽ دولت وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.